اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز ??ائ??ن عورتن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااخ??يا?? بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن کي مالي طور تي خودمخ??يا?? بڻائڻ جي لاءِ وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ضروري آهي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي 8 مارچ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان عورتن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي بااخ??يا?? بڻائڻ ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت ۽ انهن کي سبق حاصل ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چيو ته هن سال جو عنوان ”ڊيجيٽ آل: صنفي برابري جي لاءِ جدت ۽ ٽيڪنالاجي“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ڊيجيٽل تفريق اڄ جي تيز رفتار ۽ سدائين بدلجندڙ دني?? ۾ ??ورتن کي بااخ??يا?? بڻائڻ ۽ شموليت جي راهه ۾ هڪ اهم رڪاوٽ آهي. ڊيجيٽل دني?? ۾ ??ورتن جي اهم خدمتن جي باوجود ٽيڪ ايجوڪيشن، ڪيريئر ۽ گورننس ۾ انهن جي نمائندگي گهٽ آهي پر ڪوويڊ 19 جي وبا دوران ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز استعمال ڪندڙ عورتن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اهو تمام حوصلي جوڳو آهي جڏهن ته اسان کي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز ??ائ??ن انهن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي عورتن جي لاءِ هڪ محفوظ، وڌيڪ جامع ۽ برابر ڊيجيٽل دنيا بڻائي ڊيجيٽل تفريق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. مون مون کي يقين آهي ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااخ??يا?? بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز انهن جي لاءِ ڊيجيٽل معيشت ۾ حصو وجهڻ ۽ تعليم، صحت، بئنڪنگ، قرضن ۽ ٻين ضروري خدمتن ??ائ??ن انهن جي پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان کي خاص طور تي اسان جي ڏورانهن علائقن ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل خواندگي جي پروگرامن کانسواءِ انهن کي انٽرنيٽ سروسز، ليپ ٽاپ ۽ ٻين ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز ??ائ??ن پهچ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي وڌ کان وڌ عورتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته اهي انهن شعبن ۾ ڪيريئر ٺاهين ۽ ان مقصد جي لاءِ انهن کي ضروري هنر ۽ تربيت حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر چيو ته پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن کي مالي طور تي خودمخ??يا?? بڻائڻ جي لاءِ وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ضروري آهي. صدر چيو ته عورتن کي بااخ??يا?? بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ڪيترائي اقتصادي ۽ قانونسازي جا قدم کنيا آهن جن ۾ آسان شرطن تي ڪاروباري قرضن جي فراهمي، عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ ۽ هراسمينٽ کان تحفظ جا قانون شامل آهن. اهڙي طرح اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هڪ صنفي مين اسٽريمنگ پاليسي تي??ر ڪئي آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ عورتن جي مالي شموليت کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ مالياتي شعبي ۾ عورتن جي تناسب کي 20 سيڪڙو ??ائ??ن وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پاران کنيل ٻين قدمن ۾ عورتن جي ترقي ۽ انهن کي بااخ??يا?? بڻائڻ جي قومي پاليسي، انساني حقن بابت قومي ڪميشن، صنفي برابري بابت پاليسي فريم ورڪ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙن عورتن کي بااخ??يا?? بڻائڻ جا پئڪيجز شامل آهن. صدر چيو ته عورتن جي هن عالمي ڏينهن تي آئون حڪومتن، اين جي اوز ۽ خاص طور تي عورتن سميت سمورين ڌرين کان صنفي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪرد??ر ڪرڻ جو مطالبو ڪريان ٿو. هن چيو ته حڪومتن، بئنڪنگ ۽ نجي شعبي کي ڊيجيٽل ذريعن وسيلي عورتن جي سماجي ۽ اقتصادي شموليت جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اچو اسان صنفي برابري کي حاصل ڪرڻ جو وچن ڪريون ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي ذريعي سڀني جي لاءِ هڪ وڌيڪ منصفاڻي ۽ برابر دنيا ٺاهڻ جي لاءِ ڪم ڪريون.
متعلقہ مضامین
-
China, Pakistan step up bio-healthy agri-research collaboration
-
Earthquake jolts KP’s Swat, Mingora region
-
سی ایم ڈی اسپورٹس آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کا مکمل جائزہ
-
Budget continues to be hot topic for politicians to comment on
-
Panama probe: PAC to grill heads of FBR, SECP, NAB
-
Bilawal demands Nisars resignation for failing to implement NAP
-
Pakistan to formally ask Saudi to up Hajj quota
-
KP Assembly Passes MPs Salary Bill
-
مہجونگ روڈ ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ – تفریح اور کھیل کا بہترین پلیٹ فارم
-
ٹکیگوٹی انٹیگریٹی بیٹنگ پلیٹ فارم: ایک جدید ترین ٹیکنالوجی کا تجزیہ
-
سمرف ایپ تفریحی ویب سائٹ کی دنیا میں خوش آمدید
-
Smurf APP تفریحی ویب سائٹ: نئی دنیا کی طرف ایک قدم